زرعي تربيتي ادارو سڪرنڊ

زرعي تربيتي ادارو، سڪرنڊ: زراعت کي هٿي وٺرائڻ ۽ زرعي سکيا لاءِ ورهاڱي کان اڳ سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه ۾ هڪ زرعي اداري جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن جو افتتاح ان وقت جي برطانوي راڄ جي جارج ’پنجين‘ ڪيو. اڳتي هلي ڪن سببن ڪري هن اداري کي ٽنڊي ڄام منتقل ڪيو ويو ۽ سڪرنڊ واري بلڊنگ ۾ 58-1957ع ۾ فيلڊ اسسٽنٽن جو زرعي تربيتي ادارو قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌي فائينل پاس نوجوانن کي ڀرتي ڪري، 50 روپيا ماهوار وظيفو ۽ فين معاف ڪرڻ جون سهولتون ڏنيون ويون، اها ٽريننگ (تربيت) هڪ سال لاءِ هوندي هئي. شروعاتي طور سال به سال 50 شاگرد داخل ڪيا ويندا هئا، جيڪي هڪ سال جي ٽريننگ ڪري، سرڪاري کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ طور ڀرتي ٿيندا هئا، جيڪي هارين ۽ زميندارن جي پوکي راهيءَ ۾ مدد ڪندا ۽ سندن صلاحڪار ٿي ڪم ڪندا هئا. شروع ۾ هن ڪورس کي نوڪريءَ کان اڳ واري فيلڊ اسسٽنٽ ٽريننگ ڪوٺيو ويندو هو.

ان هڪ سال واريءَ تربيت دوران شاگردن کي زراعت (Agriculture)، باغباني (Horticultures)، جيت جڻي تي ضابطي وارو ڪم (Plant Protection) پڙهايو ويندو هو. زباني (Theory) پڙهائڻ کانسواءِ شاگردن کي اداري جي ٻنيءَ ۾ وٺي وڃي عملي سکيابــه ڏنــي ويــنــدي هــئــي. اڳــي زميندارن وٽ اڻ پــڙهيل ڪمدار، ڪاراوا ۽ ڪامگار جيڪا نوڪري سر انجام ڏيندا هئا، سا اڳتي هلي تربيت يافته فيلڊ اسسٽنٽ ڪرڻ لڳا، جن جي نگراني زرعي گريجوئيٽ ’فارم مئنيجر‘ ڪرڻ لڳا. اهڙيءَ ريت هن اداري پنهنجون شروعاتي وکون کڻڻ شروع ڪيون، جيڪو سفر 66-1965ع تائين جاري رهيو. انهن نون- ڏهن سالن اندر زراعت ۾ ڪافي تبديليون آيون. زراعت ۾ نوان ۽ جديد طريقا متعارف ٿيا، نوان نوان ڪيميائي ڀاڻ ۽ نيون نيون دوائون مارڪيٽ ۾ اچي ويون، جن جي استعمال سان پيداوار ۽ آمدنيءَ ۾ اضافي جي گنجائش پيدا ٿي. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي، زرعي تربيتي اداري جي ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ، حـڪومت 66-1965ع ۾ ڪجهه اهم تبديليون، واڌارا ۽ سڌارا آندا، هن اداري ۾ انهن شاگردن کي داخلا جو اهل قرار ڏنو ويو، جن مئٽرڪ (سائنس) پاس ڪئي هجي. ان سان گڏ ٻه اضافي مضمون به شروع ڪيا ويا: (1) ايگريڪلچر ايڪسٽينشن (زرعي توسيع) ۽ (2) اسلاميات. هن ڪورس جو مدو وڌائي ٻه سال ڪيو ويو. نئين حڪمت عمليءَ جي عملي افاديت ظاهر ٿيڻ کانپوءِ نيون تحقيقي ايجادون ٿيون ۽ نيون جنسون پيدا ڪيون ويون، ان ڪري اڳوڻا فيلڊ اسسٽنٽ، هارين ۽ زميندارن جي جديد نموني مدد ڪرڻ کان قاصر ٿـي ويـا. ان ڳالـهه کي نظر ۾ رکندي، 75-1974ع ۾ ’سروس دوران تربيت‘ (In Service Training) شروع ڪئي وئي، جنهن هيٺ مختلف هنڌن تان 20 فيلڊ اسسٽنٽ گهرائي، کين ڇهن هفتن جي اضافي ٽريننگ ڏني ويندي هئي. 77-1976ع ۾ آءِ. ڊي. اي (I.D.A) يعني (International Development Assistance) جي معاهدي هيٺ ’ٿرڊ ايجوڪيشنل پروجيڪٽ‘ (Third Educational Project) عمل هيٺ آيو، جنهن هيٺ هن اداري جي واڌويجهه لاءِ 15 ملين ڊالرن جي لاڳـت سـان ڪـم هـٿ ۾ کنيو ويو، جنهن جي پهرئين مرحلي ۾ اڏاوت جــو ڪـم شـامـل هـو، جـنهـن ۾ شـاگـردن لاءِ هـڪ اڪـيـڊمـڪ بـلاڪ (Academic Block) ۽ هاسٽل کانسواءِ ڊيري شيڊز (Dairy Shades)، پولٽري شيڊز (Poultry Shades)، اسـٽـاف ڪــالــوني (Staff Colony)، پرنسپال بنگلوز (Principal Banglows)، هڪ گئريج (Garage) ۽ واٽر سپلاءِ (Water Supply) وغيره جڙي راس ٿيا. ٻئي مرحلي ۾ عمارتن جو فرنيچر، ليبارٽري اِڪئيپمينٽس ۽ لائبرريءَ لاءِ ڪتاب مهيا ڪيا ويا. فيلڊ اسسٽنٽن ۽ اسٽاڪ اسسٽنٽن لاءِ اِن سروس ٽريننگ شروع ڪئي وئي. ان کانسواءِ پري سروس ٽريننگ لاءِ نئون نصاب مهيا ڪيو ويو. فارمرس ليڊرس ٽريننگ (Farmers Leaders Training) به شروع ڪئي وئي، جنهن سان هارين ۽ زميندارن جي سڌي سنئين تربيت ٿيڻ لڳي. مٿين واڌارن ۽ سڌارن مان نه رڳو شاگردن لاءِ وڌيڪ تعليمي سهوليت پيدا ٿي، پر ليبارٽرين جي واڌاري سبب جديد سائنسي اصولن هيٺ تعليم جو معيار به وڌيو، جنهن کانپوءِ سگهو ئي 8 سيپٽمبر 1979ع کان اسٽاڪ اسسٽنٽ ڪورس به باقاعده شروع ٿي ويو، جنهن هيٺ هر سال 20 شاگرد، حيوانات بابت ڄاڻ حاصل ڪري وٽرنري اسپتالن ۾ پنهنجون خدمتون اسٽاڪ اسسٽنٽ طور سرانجام ڏيڻ لڳا.

هن تربيتي اداري ۾ هڪ پرنسپال (گريڊ 18)، چار سينيئر انسٽرڪٽر (گريڊ 17)، ڇهه انسٽرڪٽر (گريڊ 17)، هڪ ڊمانسٽريٽر (گريڊ 17) جو اسٽاف مقرر ٿيل آهي. اداري سان لڳولڳ 40 ايڪڙ زمين تي مشتمل زرعي فارم، شاگردن جي عملي سکيا لاءِ موجود آهي، جتي فيلڊ اسسٽنٽ ٽريني، عملي ڪم ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو